بشريت مصطفي ٰصه

بشريت مصطفي ٰصه

بشريت مصطفي صه

بشريت مصطفي ٰصه (Bashariat Mustafa) (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالرئوف سومري جو انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، هن ڪتاب ۾ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي بشريت جي باري ۾ اهم ويچار شامل آهن. هي ڪتاب 9 بابن ۾ ورهايل آهي ۽ هر باب ۾ مختصر نموني بشريت جي حوالي سان ويچار پيش ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جي آيتن،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مولانا رومي، شيخ سعدي ۽ ٻين جي شاعري پڻ حوالي طور شامل ڪئي وئي آهي. ليکڪ مختصر نموني ڪافي معلومات فراهم ڪئي آهي، ڪچي جلد ڊيمي سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب پروفيشنل پرنٽرز حيدرآباد پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو آهي، هي ڪتاب 42 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو